Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 21:30 - Muslim Sindhi Bible

30 جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 21:30
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اورياہ بادشاهہ جي محل جي دروازي وٽ پنهنجي آقا بادشاهہ جي سڀني نوڪرن سميت سمهي پيو ۽ پنهنجي گھر نہ ويو.


سو جڏهن يربعام جي زال دروازي ۾ داخل ٿي تڏهن اخياہ هن جي پيرن جو آواز ٻڌي کيس چيو تہ ”اي يربعام جي زال! هلي اچ، ڇو ٿي پاڻ کي ٻي عورت ڪري پيش ڪرين؟ مون وٽ تنهنجي لاءِ تمام بري خبر آهي.


سندس سالارن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اسان مان ڪوبہ ناهي. پر اليشع نبي جيڪو اسرائيل ملڪ ۾ رهي ٿو، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي بہ ڳالهيون ٻڌائي ٿو جيڪي توڙي جو توهين پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ڪريو ٿا.“


ڇا تون ان جي نڪ ۾ رسو وجھي ٿو سگھين، جو هو تو کي گھڻيون منٿون ميڙون ڪري تہ ’مون کي ڇڏي ڏي؟‘ يا ڇا ان جي ڄاڙيءَ ۾ آر سان سوراخ ڪري ٿو سگھين، جو هو تو کي رحم لاءِ ليلائي؟


ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


دنيا جو ڪاروهنوار گھڻو اڳ ئي مقرر ٿيل آهي. انسان ۾ اهڙي طاقت نہ آهي جو هو ان ۾ ڪابہ ردوبدل ڪري سگھي، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ سان مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي جيڪو کانئس وڌيڪ زورآور آهي.


هائو، مون قادرِمطلق خداوند ئي اهي منصوبا جوڙيا آهن، هاڻي ڪنهن کي طاقت آهي جو مون کي روڪي سگھي؟ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو منهنجي وڌيل هٿ کي پوئتي هٽائي سگھي.“


تون سمجھين ٿو تہ تو کي سٺي حڪمت عملي ۽ فوجي طاقت آهي، اهي تہ رڳو لفظ آهن. آخر تو ڪنهن جي آسري تي مون سان بغاوت ڪئي آهي؟


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


انهيءَ هوندي بہ سامونڊي جهاز وارن ڳن موڙي زمين ڏانهن موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ طوفان زور وٺندو ٿي ويو.


سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو.


پر جيڪڏهن اهو خدا جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي غالب پئجي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين خدا جي مخالفت ڪندا.“ ڪائونسل گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي.


يريحو شهر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ”اڄ رات بني اسرائيل جا ڪي ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهن.“


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ