29 بدڪار ماڻهو پنهنجي رستي تي بضد ٿو رهي، مگر سچار ماڻهو سوچي سمجھي قدم کڻي ٿو.
29 شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.
شال منهنجي چال چلت اهڙي ثابت قدم هجي، جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن قانونن تي عمل ڪريان!
جڏهن مون پنهنجي چال چلت تي غور ڪيو هو، تڏهن مون پنهنجي قدمن کي تنهنجي شريعت ڏانهن ڦيريو هو.
نيڪ ماڻهن جي ايمانداري سڌي راهہ ڏيکاري ٿي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري برباديءَ جي کڏ ۾ وڃيو ڪرن.
سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو هميشہ خداوند کان ڊڄندو ٿو رهي، مگر جيڪو مغرور ۽ هٺيلو آهي سو برباديءَ کي وڃيو رسي.
جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.
جيڏانهن اوهين وڃو ٿا اوڏانهن ئي سڌو اڳتي نهاريندا هلو ۽ پنهنجا اکين جا ڇپر کڻي هيڏانهن هوڏانهن نہ نهاريو.
جيڪي ڪجھہ ڪريو سو سوچي ويچاري ڪجو، تڏهن اوهان جا پير صحيح طرف ڏانهن هلندا رهندا.
مون ڏٺو تہ انهيءَ عورت ٻانهون وڌائي نوجوان کي ڀاڪر وڌو ۽ چميون ڏيڻ لڳس، ڄڻ تہ اڳي ئي کيس ڄاڻيندي هئي. پوءِ بيحيائيءَ سان اکيون اکين ۾ اڙائي چوڻ لڳس تہ
ڏاهو ماڻهو جنهن کي ڄاڻ آهي سو ڪيئن سڃاتو وڃي؟ ڏاهپ سندس منهن مان پيئي چمڪي ۽ سخت چهري جي بجاءِ هن جو چهرو نرم رهي ٿو.
اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہتائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.
ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
جيئن تہ هو سوچي سمجھي پنهنجي سڀني ڪيل گناهن کان توبهہتائب ٿئي ٿو، تنهنڪري هو يقيناً جيئرو رهندو ۽ موت جي سزا نہ لوڙيندو.
سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو.
سو اوهين انهن ڳالهين تي غور ڪريو تہ ائين ڇو ٿو ٿئي.
سو هاڻي اوهين اڄ کان وٺي اڳتي لاءِ اُنهيءَ وقت کي ڌيان ۾ رکو، جڏهن اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت شروع ئي ڪين ٿي هئي.
شل اسان جو خدا پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون.