Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 21:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هٺيلو ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مغروريءَ سان ٿو هلي، تنهن کي هر ڪو ڏاهپ جو ويري ٿو سمجھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 21:24
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.


”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


مغروري انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺيو وڃي، پر نماڻائي انسان کي عزت واري مقام تي ٿي پهچائي.


ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙن لاءِ سزا تيار آهي، ۽ بي‌وقوفن جي پٺيءَ لاءِ چهبڪ.


بي‌عقل ماڻهوءَ جي رٿن ۾ بہ گناهہ شامل رهي ٿو. ماڻهو اهڙي شخص کان نفرت ٿا ڪن، جيڪو ٻين تي ٺٺوليون ڪندو ٿو رهي.


جيڪي ٻين کي حقير سمجھن ٿا تن کي خدا حقير ٿو بڻائي، پر نهٺن ماڻهن تي هو فضل ٿو ڪري.


مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بي‌گناهن جو رت وهائيندڙ هٿ،


اسان يهوداہ وارن موآب جي رهاڪن جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، اهي تمام مغرور ٿي ويا آهن. اسين سندن هٺ، تڪبر ۽ وڏائيءَ کان واقف آهيون. پر سندن ٻٽاڪون فضول آهن،


ظالم ۽ ٽوڪباز هميشہ لاءِ نابود ٿي ويندا. هائو، بدڪاريءَ ۾ زندگي گذاريندڙ سڀيئي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.


اسان اوهان جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، تہ اوهين ڏاڍا مغرور ٿي ويا آهيو. هائو، اسان اوهان جي وڏائيءَ، مغروريءَ، گستاخيءَ ۽ اوهان جي دل جي هٺ بابت ٻڌو آهي.


سچ پچ بڇڙا ماڻهو مئي جيان ٺڳين ٿا، اهي هٺيلا آهن ۽ ٽِڪاڻو تہ اٿن ئي ڪونہ. اهي ايترا ئي حريص آهن جيترو موت، هائو، موت وانگر سندن ڍءُ ئي نہ ٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هو سڀني قومن کي پنهنجي گھيري هيٺ ٿا آڻين، ۽ سڀني ماڻهن کي قيدي ٿا بڻائين.


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ