23 جيڪو پنهنجيءَ زبان تي ضابطو رکي ٿو، سو گھڻين ئي تڪليفن کان بچيو وڃي.
23 جيڪو پنهنجي وات ۽ پنهنجي زبان جي سنڀال ڪري ٿو، سو پنهنجي جان تڪليفن کان بچائي ٿو.
اي خداوند! جيئن ڪو مالڪ حفاظت لاءِ در تي پهرو بيهاري ٿو، تيئن ئي منهنجي ڳالهائڻ کي ظابطي ۾ رکڻ لاءِ تون منهنجي مدد ڪر.
گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي.
بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.
جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.
سچار ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪابہ بدڪاري نہ ٿي اچي، بلڪ سچائي سندس رستي جي نگهباني ڪري سندس جان جي حفاظت ٿي ڪري.
حياتي ۽ موت انسان جي زبان جي وس ۾ آهن، سو انسان جيڪي ڪجھہ ڳالهائي ٿو، تنهن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پون ٿا.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.