20 عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بيوقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.
20 ڏاهي جي گهر ۾ قيمتي خزانو ۽ تيل آهي؛ پر بي عقل ماڻهو اُهو ڳهي ڇڏي ٿو.
هو دولت ڳهي تہ ويا آهن، پر اها هو وري الٽي ڪري ٻاهر ڪڍندا، خدا سندن پيٽ مان اها ڪڍي ڇڏيندو.
هنن کان سندن محنت جي ڪمائي ڦُري ويندي، هو اها کائي نہ سگھندا. هنن جيڪو بہ مال ملڪيت حاصل ڪيو هوندو، تنهن مان کين ڪا خوشي حاصل نہ ٿيندي.
سندن گھراڻن ۾ دولت ۽ خوشحالي هوندي. بيشڪ مٿن ابد تائين سندس سخاوت قائم رهندي.
تو منهنجي دشمنن آڏو مون لاءِ دسترخوان وڇايو آهي. تو مون کي معزز مهمان جيان مان ڏنو آهي، ۽ منهنجي پيالي کي ٽمٽار ڪيو اٿيئي.
گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي.
عقلمندن کي سندن ڏاهپ دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بيعقل وڌيڪ بيوقوف ٿيو وڃن.
سچار ماڻهوءَ جي سچائي کيس دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي دولت کيس ڏکيائيءَ ۾ وجھيو ڇڏي.
نماڻائيءَ ۽ خداوند جي فرمانبرداريءَ جو اجر دولت، عزت ۽ ڊگھي ڄمار آهي.
انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن کي چڱيءَ طرح مالا مال ڪري ڇڏيان، ۽ سندن خزانا ڀري ڇڏيان.“
کائڻ جي دعوت ۾ ماڻهو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، ۽ مئي ماڻهوءَ کي سرور بخشي ٿي، پر پئسن کان سواءِ ڪابہ شيءِ خريد ڪري نہ ٿي سگھجي.
ان کان علاوہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جيڪا مال ملڪيت عطا ڪئي آهي تنهن بابت کيس اختيار ڏنو آهي تہ جيڪو هن لاءِ مقرر آهي تنهن مان کائي پيئي ۽ پنهنجي محنت مان پاڻ مزا ماڻي. اها ئي خدا جي طرفان هن لاءِ نعمت آهي.
ڏاهپ ايڏي تہ چڱي آهي، جيڏو اهو قيمتي خزانو، جيڪو ابا ڏاڏا ورثي ۾ ڇڏي ويا هجن. اها هن ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هميشہ لاءِ فائدو رسائي ٿي.
پر کين مارڻ وقت انهن مان ڏهن ڄڻن اسماعيل کي منٿون ڪيون تہ ”اسان کي نہ مار! اسان وٽ ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جي تيل ۽ ماکي جو ذخيرو آهي جيڪي هڪ ٻنيءَ ۾ لڪائي رکيا اٿئون.“ تڏهن هن انهن ڏهن ئي ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ کين قتل نہ ڪيائين.
تڏهن اياڻين ڇوڪرين سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇو تہ اسان جا ڏيئا وسامن ٿا.‘
جڏهن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏهن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ هو بک مرڻ لڳو.
پوءِ عيسيٰ شاگردن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘
هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“