ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.
تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“
اوهين پيغام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اهو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. هو انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي شڪل آئيني ۾ رڳو ڏسي
پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“