Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 21:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جيڪو انسان ڏاهپ واري رستي کان ڀٽڪي ٿو وڃي، سو موت جي منهن ۾ وڃيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جيڪو ماڻهو سمجهہ جي رستي کان نڪري ٻاهر وڃي ٿو، سو مئلن جي جماعت ۾ وڃي رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 21:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


جيئن رڍون ڪسڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن، تيئن اهي قبر ۾ وڃي پوندا. هائو، موت اچي تن جو ڌنار ٿيندو ۽ سچار مٿن اچي غالب ٿيندا. انهن جو جسم هڪدم زائل ٿي ويندو ۽ پاتال سندن ٺڪاڻو ٿيندو.


سچائيءَ تي قائم رهڻ وارو زندگي حاصل ٿو ڪري، مگر بڇڙائيءَ جي راهہ تي هلڻ وارو خود پنهنجي موت کي ٿو ويجھو وڃي.


ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.


جيڪو خداوند جي حڪمن تي عمل ٿو ڪري، سو وڏي ڄمار ماڻيندو، مگر جيڪو سندس نافرماني ڪندو سو ضرور مرندو.


انهن ماڻهن سچائيءَ وارا رستا ڇڏي ڏنا آهن ۽ اونداهيءَ وارن رستن تي ٿا هلن.


اهي پنهنجي وڏي بي‌عقليءَ جي ڪري گمراهہ ٿي ويندا. هائو، اهي نصيحت تي عمل نہ ڪرڻ ڪري مري ويندا.


پر انهيءَ جا شڪار ٿيل نہ ٿا ڄاڻين تہ جيڪي هن جي گھر ۾ وڃن ٿا، سي مريو وڃن، ۽ جيڪي اڳ ۾ سندس مهمان ٿيا هئا، سي قبر جي تري ۾ وڃي ڪريا آهن.


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“


گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ گناهن جي ڪري مئل هئا.


ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو ايمان جي وسيلي جيئرو رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بي‌آب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ