Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 21:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جڏهن انصاف ٿئي ٿو تہ نيڪ ماڻهو خوش ٿا ٿين، مگر بڇڙن ماڻهن کي ڏڪڻي وٺيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 عدالت ڪرڻ سچي جي لاءِ خوشي آهي، پر بي انصافي ڪندڙن لاءِ اهو هڪڙو موت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 21:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي واکاڻ ڪريو. سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، ۽ خوشيءَ سان سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا.


آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن کان خوش پيو رهندس. ۽ تنهنجي فرمان کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ وساريندس.


جيڪڏهن تنهنجي شريعت منهنجي خوشيءَ جو باعث نہ هجي ها، تہ هوند آءٌ پنهنجي ڏکن ۾ ناس ٿي وڃان ها.


اي منهنجا خدا! آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، جو تنهنجي مرضي پوري ڪريان، بلڪ تنهنجي شريعت تہ منهنجي دل ۾ سمايل آهي.


سڌي واٽ تي هلڻ وارن لاءِ خداوند جاءِ‌پناهہ آهي، مگر بدڪارن لاءِ هن وٽ بربادي آهي.


سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو.


جيڪو انسان ڏاهپ واري رستي کان ڀٽڪي ٿو وڃي، سو موت جي منهن ۾ وڃيو پوي.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو.


تنهنڪري مون ڄاڻي ورتو آهي تہ انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ڳالهہ انسان جي وس ۾ ناهي جو هو پنهنجي پوري حياتي رڳو خوش رهي ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيندو رهي.


تون انهن جي مدد ڪرين ٿو، جيڪي خوشيءَ سان تنهنجي فرمانبرداري ٿا ڪن، ۽ اهي ئي ڪم ٿا ڪن جيڪي تو کي پسند آهن. اسين بہ جيڪڏهن انهن تي قائم رهون ها، تہ جيڪر بچي سگھون ها. پر ڏس، هاڻ تون اسان تي ڪاوڙيو آهين، ڇاڪاڻ تہ اسين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيون.


پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي خدا جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“


عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.


منهنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ