تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون.