12 سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو.
12 سچو ماڻهو شرير جي گهر تي ويچار ڪندو آهي، تہ ڪيئن شرير اونڌا ٿي ڪري چٽ ٿين ٿا.
جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو جن ۾ لوط رهندو هو، تڏهن ابراهيم جي يادگيري ڪيائين ۽ لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.
بيعقل ماڻهوءَ کي مون پاڙ هڻندي تہ ڏٺو آهي، پر اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هو لعنتي آهي، سو اوچتو ئي اوچتو سندس گھر تي اچي لعنت پوي ٿي.
جيڪڏهن هو ڄاري کي ٽيڪ ڏيندا تہ ڇا اهو کين ڪِرڻ کان بچائيندو؟ جيڪڏهن هو ڄاري کي چنبڙندا تہ ڇا اهو کين جھلي بيهندو؟
جيڪي انسان عقلمند هوندا، سي هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، اهڙا ماڻهو خداوند جي دائمي رحمتن تي غور ڪندا.
تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.
نيڪ انسان سچائيءَ جي ڪري محفوظ رهندا، مگر گنهگار انسان بدڪاريءَ جي ڪري برباد ٿي ويندا.
بدڪارن جون پڪيون جايون برباد ٿي وينديون، جڏهن تہ سچارن جون جھڳيون بہ قائم وَ دائم رهنديون.
بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.
جڏهن ڏنگا ماڻهو طاقت ۾ اچي وڃن ٿا، تڏهن ڏوهہ وڌي وڃن ٿا. تنهن هوندي بہ سچار ماڻهو هڪڙي ڏينهن انهن جي تباهي ڏسندا.
ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.
مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
تنهن هوندي بہ خدا انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻپٽ ۾ مري کپي ويا.