Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جن جا والدين سچار ۽ سڌي رستي تي ٿا هلن، سي ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 انصاف پسند ماڻهو، جو پنهنجي سچائيءَ تي هلي ٿو، تنهن جو اولاد کانئس پوءِ برڪت وارو ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.


انهن جو نسل پوري ملڪ ۾ زور وارو ٿيندو. هائو، انهن سچارن جو سمورو اولاد سڀاڳو ٿيندو.


بيشڪ اتي اهي ئي شخص رهندا، جيڪي تابعداريءَ سان هلن ٿا، جيڪي نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن ۽ سدائين سچ ڳالهائين ٿا.


اي خداوند! مون کي سچار قرار ڏي، ڇوجو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان. تو خداوند تي مون ڀروسو رکيو آهي، ۽ ان ۾ آءٌ ڪين ٿاٻڙيو آهيان.


پر جيئن تہ آءٌ پنهنجي سچائيءَ سان هلندو رهان ٿو، سو تون مون تي رحم ڪر ۽ مون کي اچي ڇڏاءِ.


اهي هر وقت رحم ڪندي قرض ڏيندا رهن ٿا. سو سندن اولاد سندن لاءِ برڪت ئي برڪت ٿو بڻجي.


نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.


سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.


جيڪڏهن ڪو خداوند جو خوف رکندو، تہ خداوند هن جي ۽ سندس ڪٽنب جي مضبوط پناهہ‌گاهہ بڻبو.


ڀلي غربت هجي، پر ايمانداري هجي، اها انهيءَ نادانيءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ ڪوڙ آهي.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهين تڏهن بچي سگھو ٿا، جڏهن اوهان جا قول ۽ فعل حق تي ٻڌل هوندا، جڏهن اوهين ظلم جي وسيلي نفعو حاصل ڪرڻ کان نفرت ڪندا، جڏهن اوهين رشوت کي ٿُڏي ڇڏيندا، جڏهن اوهين خونريزيءَ جي منصوبن ۾ شريڪ نہ ٿيندا، ۽ هر قسم جي بڇڙاين کان پري رهندا.


آءٌ کين وفادار دل عطا ڪندس تہ جيئن هو منهنجي سڌي رستي تي ئي هلن ۽ پنهنجي ڀلائيءَ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد جي ڀلائيءَ لاءِ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن.


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ