Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:30 - Muslim Sindhi Bible

30 چهبڪ جا زخم بڇڙائي ڪڍيو ڇڏين، هائو، مار انسان لاءِ سنوار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 چهبڪ جا ڦٽ بڇڙائي ڪڍيو ڇڏين: مار کائڻ سان دل صاف ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:30
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ آءٌ سندن ڏوهن جي سزا کين لٺ سان ڏيندس. هائو، آءٌ سندن گناهن جي سزا کين چهبڪن سان ڏيندس.


ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻڻ سان اٻوجھہ ماڻهو هوشيار ٿي وڃي ٿو، پر سمجھہ وارو تنبيهہ ڪرڻ سان ئي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.


هر ٻار شروع ۾ ناسمجھہ هوندو آهي، مگر سيکت ئي ٻار کي سمجھدار بڻايو ڇڏي.


دوست جي هٿان پهتل زخم بہ وفا سان ڀرپور آهن، مگر دشمن جو ڳل سان لائڻ بہ سراسر دوکو ۽ فريب آهي.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


جڏهن تہ هو اسان جي ئي گناهن جي ڪري زخمي ڪيو ويو، ۽ اسان جي ئي بڇڙاين جي ڪري چٿيو ويو. اسان جي سلامتيءَ لاءِ هن تي سزا آئي، ۽ هن جي ئي مار کائڻ سان اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿياسين.


اسان جا دنياوي پيئر ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر خدا جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ