28 خدا جي رحم ۽ وفا جي ڪري بادشاهن جي بادشاهت قائم ٿي رهي، بشرطيڪ انهن کي بہ پاڻ رحمدل هجڻ گھرجي.
28 رحم ۽ سچ بادشاهہ کي بچائين ٿا: ۽ ان جو تخت رحم قائم ڪيو اچي.
آءٌ تنهنجي لافاني شفقت ۽ انصاف جا گيت ڳائيندس. اي خداوند! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ پيو ڪندس.
بيشڪ خداوند تي ئي بادشاهہ جو ڀروسو آهي. سو خدا تعاليٰ جي دائمي شفقت جي ڪري کيس ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.
اي خداوند! مون کي سچار قرار ڏي، ڇوجو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان. تو خداوند تي مون ڀروسو رکيو آهي، ۽ ان ۾ آءٌ ڪين ٿاٻڙيو آهيان.
اي خداوند! تون مون تان پنهنجي رحم جي نظر نہ هٽاءِ. تنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا هر دم منهنجي حفاظت پيون ڪن.
شال هو تنهنجي حفاظت ۾ سدائين تختنشين رهي! تون پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا سان انهيءَ جي حفاظت ڪر.
بڇڙائي ڪرڻ بادشاهن جي نظر ۾ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي، ڇاڪاڻ تہ سندن تخت سچائيءَ سان ئي قائم رهي ٿو.
شفقت ۽ سچائيءَ جي وسيلي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھجي ٿو، بلڪ خداوند جو خوف رکڻ سان انسان بڇڙائيءَ کان باز رهي سگھي ٿو.
جيڪو بادشاهہ ايمانداريءَ سان غريبن جو انصاف ڪري ٿو، تنهن جو تخت قائم وَ دائم رهي ٿو.
ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.
تڏهن دائود جي اولاد مان هڪڙو بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سچائيءَ ۽ شفقت سان ماڻهن تي حڪمراني ڪندو. اهو اهڙو عادل هوندو جيڪو پورو پورو انصاف ڪندو. هائو، اهو عدل وَ انصاف ڪرڻ ۾ دير نہ ڪندو.
سو اي بادشاهہ! انهيءَ جو تعبير ۽ خدا تعاليٰ جو اهو فيصلو، جيڪو منهنجي آقا بادشاهہ جي باري ۾ ڪيو ويو آهي سو هي آهي.