Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:25 - Muslim Sindhi Bible

25 جلدبازيءَ وچان ڪنهن شيءِ کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ، ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي باس باسڻ سان انسان ڦاسي ٿو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تڪڙو ٿي چوڻ تہ اهو پاڪ آهي، سو ماڻهوءَ جي لاءِ هڪ ڦانڌو آهي، ۽ مڃتائن کان پوءِ جاچ ۽ پڇا ڪرڻ بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:25
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پوري ڳالهہ ٻڌڻ کان اڳي انهيءَ جو جواب ڏئي ٿو، تنهن جي لاءِ اهو بي‌وقوفي ۽ بي‌عزتيءَ جو باعث بڻجي ٿو.


بي‌وقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.


خدا آڏو ڪوبہ اٻهرائيءَ وارو واعدو نہ ڪريو. هائو، پنهنجي زبان کي ضرور ضابطي ۾ رکو. خدا عرش عظيم کان اوهان کي ڌرتيءَ تي ڏسي ٿو، تنهنڪري احتياط سان ڳالهايو.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.


”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خداوند جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘


پر جيڪڏهن اوهان باس نہ باسي هجي تہ پوءِ اوهان تي ڪو گناهہ ڪونهي.


جيڪي اوهان جي زبان مان نڪري سو اوهين ضرور پورو ڪريو ۽ جهڙي باس اوهان خداوند پنهنجي خدا وٽ رضا خوشيءَ سان واعدو ڪري باسي هجي تنهن موجب اها پوري ڪجو.


جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي انگورن جي باغ ۾ وڃو، تہ جيترا انگور اوهان کي وڻن اوترا کائي پيٽ ڀريو، پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪجھہ بہ کڻي نہ وڃجو.


پوءِ جڏهن انهن جا پيئر يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن هنن کي چونداسين تہ ’اسان جي خاطر اهي ڇوڪريون کين ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان جون ڇوڪريون جنگ ۾ تہ ڪونہ کنيون آهن، نڪي اوهان پاڻيهي اهي کين ڏنيون آهن، تنهنڪري اوهان واعدي خلافي ڪرڻ جا ڏوهاري نہ آهيو.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ