21 جيڪو ورثو تڪڙ ۾ حاصل ڪيو وڃي ٿو، تنهن ۾ برڪت نہ ٿي ٿئي.
21 ميراث تڪڙ سان شروعات ۾ هٿ ڪري ٿي سگهجي؛ مگر ان جي پڇاڙي برڪت واري نٿي ٿئي.
نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.
جيڪو پنهنجي والدين سان گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو، تنهن جي زندگي ائين ختم ٿي ويندي، جيئن آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ ڏيئو اجھامي وڃي.
بڇڙائيءَ جو بدلو وٺڻ بابت نہ سوچو، بلڪ خداوند تي ڀروسو رکو، هو پاڻ اوهان جو انصاف ڪندو.
ٺڳيءَ وسيلي حاصل ڪيل دولت ٻاڦ مثل آهي، جيڪا جلد گم ٿيو وڃي. جيڪي اهڙي دولت جي ڳولا ٿا ڪن، سي موت جي ڳولا ٿا ڪن.
دولتمند بڻجڻ لاءِ پاڻ کي پريشان نہ ڪريو، اهڙيءَ سوچ کان پنهنجو پاڻ کي باز رکو.
ايماندار ماڻهن تي خدا بيانداز برڪتون نازل ڪري ٿو، مگر بيايمان ماڻهو، جيڪي جلدي دولتمند ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، سي سزا کان بچي نہ سگھندا.
خودغرض ماڻهو جلدي شاهوڪار ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، پر کين خبر ئي نہ ٿي پوي تہ مفلسي مٿن ڪڙڪڻ واري آهي.
خبردار! ڳري وياج ۽ ناجائز منافعي سان پنهنجي دولت کي نہ وڌايو، ڇاڪاڻ تہ اها دولت اوهان کان کسي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي، جيڪو غريبن تي رحم ڪندڙ هوندو.
پوءِ اهي سڀيئي مظلوم انهن تي ٺٺوليون ڪندا ۽ نفرت وچان ملامت ڪري هيئن بہ چوندن تہ ”ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پرائو مال ميڙي مالدار ٿا بڻجن، ۽ جيڪي گروي ٿيل سامان رکي گھر ڀرين ٿا. پر ائين آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“
قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“
تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.
پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بيوقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.