Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيئن گجندڙ شينهن خطرناڪ آهي، تيئن بادشاهہ جي ڪاوڙ ۾ بہ جان جو خطرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي: جيڪو انهيءَ کي چيڙائي ڪاوڙ ڏياري ٿو سو پنهنجي ئي حياتيءَ جي برخلاف گناهہ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ سليمان خداوند جو قسم کڻي چيو تہ ”جيڪڏهن ادونياہ هن عرض جي قيمت پنهنجي جان سان ادا نہ ڪري تہ پوءِ خدا مون سان ائين ئي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ڪري.


هاڻ جيئري خدا جو قسم آهي جنهن مون کي منهنجي پيءُ دائود جي تخت تي قائم ڪيو آهي ۽ پنهنجي واعدي مطابق منهنجو گھراڻو آباد ڪيو اٿائين، تہ ادونياہ اڄ ئي ضرور قتل ڪيو ويندو.“


بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.


پر جيڪو مون کان محروم ٿو رهي، سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري. هائو، جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ موت سان محبت ٿا رکن.“


جيڪڏهن اوهان جو حڪمران ڪنهن ڳالهہ تان اوهان کان ناراض ٿئي، تہ اوهين جلديءَ ۾ ڪم ڪار ڇڏي هليا نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ بردبار نموني ڳالهائڻ سان وڏي ۾ وڏو ڏوهہ بہ معاف ٿي سگھي ٿو.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


توهان گھڻين ئي قومن خلاف منصوبا رٿيا آهن، جن سببان توهان پنهنجن گھرن کي لڄايو آهي، ۽ پنهنجو پاڻ کي برباد ڪيو اٿوَ.


اهي تڏهن پاڪ ٿيا هئا جڏهن مون خداوند جي آڏو پيش ڪيا ويا هئا. سو اهي گنهگار جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويا، تن جي لوبان‌دانن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيو. اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي هڪڙي نشاني ٿيندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ