15 بيشڪ سون ۽ هيرا جواهر قيمتي آهن، مگر ڏاهپ واريون ڳالهيون انهن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن.
15 سون آهي ۽ گهڻيون لعلون بہ: پر علم وارا چپ هڪڙو قيمتي جواهر آهن.
چڱي ڳالهہ ٻڌائڻ سان خوشي ٿي ٿئي، بلڪ موزون وقت تي صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ بہ مزو اچي ٿو.
عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.
ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.
عقلمند انسان سمجھہ وارو سڏجي ٿو، مِٺَ زبانيءَ جي ڪري گھڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ورهائجي ٿي.
مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن.
خريداريءَ وقت هر ڪو مهانگائيءَ جون دانهون ٿو ڪري، مگر ٻاهر نڪري ٻٽاڪ هڻي ٿو تہ اها شيءِ سستي ملي آهي.
جيڪو ڪنهن اڻواقف ماڻهوءَ جو ضامن ٿو پوي، سو انهيءَ لائق آهي تہ سندس ڪپڙا لاهي رکيا وڃن، بلڪ سندس مال ملڪيت بہ گروي رکيو وڃي.
نصيحت تي ڌيان ڏيڻ واري ماڻهوءَ لاءِ، ڏاهي ماڻهوءَ جي تنبيهہ نج سون جي زيورن کان وڌيڪ ملهہ واري آهي.
ڏاهپ هيرن جواهرن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي. اوهين جن بہ شين جي خواهش رکو ٿا، سي سڀ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجھہ بہ نہ آهن.
تہ جيئن مناسب هلت ڪرڻ بابت ڄاڻو ۽ اوهان جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿئي تہ اوهين ڄاڻ رکو ٿا.
مون کان نصيحت حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون ڳالهيون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهن، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ.
بيشڪ آءٌ هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهيان، بلڪ اهي سڀ شيون جيڪي اوهان کي بيحد خوشي ڏين ٿيون، سي بہ مون آڏو ڪين جهڙيون آهن.
اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.