Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 20:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪو سدائين ننڊون ٿو ڪري سو محتاج بڻجيو وڃي، مگر جيڪو سجاڳ رهي محنت ٿو ڪري، تنهن وٽ ڪا کوٽي ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ننڊ کي پيار نہ ڪر تہ متان ڪنگال ٿي پوين، پنهنجيون اکيون کول تہ مانيءَ جو ڍءُ ٿئيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 20:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي.


پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.


سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.


سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.


خريداريءَ وقت هر ڪو مهانگائيءَ جون دانهون ٿو ڪري، مگر ٻاهر نڪري ٻٽاڪ هڻي ٿو تہ اها شيءِ سستي ملي آهي.


ٻنيءَ مان محنتي هاريءَ کي جھجھو کاڌو خوراڪ حاصل ٿئي ٿو، مگر جيڪو سُستيءَ وچان اجايو وقت ٿو وڃائي، سو هميشہ ڪنگال رهي ٿو.


هوءَ پرهہ ڦٽڻ کان اڳ ئي اُٿي کڙي ٿئي ٿي، تہ جيئن گھر جي ڀاتين لاءِ کاڌو تيار ڪري، ۽ ٻانهين کي پنهنجو پنهنجو ڪم ٻڌائي.


ڪپتان يونس وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”تون ڇو ننڊ پيو آهين؟ اُٿي پنهنجي معبود کي پڪار تہ من انهيءَ کي اسان جو ڪو خيال پوي ۽ اسين برباد ٿيڻ کان بچي پئون.“


محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.


اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جو مڪمل ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آهي.


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن بہ اوهان کي تاڪيد ڪيو هوسين تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اهو کائي بہ نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ