7 جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي.
7 هو سچن جي لاءِ پوري ڏاهپ رکي ڇڏي ٿو، ۽ انهن جي سپر آهي، جي سچائيءَ تي هلن ٿا؛
ڪنهن جھنگلي جانور بہ انهيءَ رستي تي قدم نہ رکيو آهي، نڪي مغرور شينهن ئي انهيءَ مٿان گذريو آهي.
هو مون تي ٻاجھہ ڪندڙ ۽ منهنجو ڇڏائڻ وارو آهي. هو منهنجو قلعو، بلڪ مضبوط قلعو آهي. هو ئي منهنجو بچاءُ ۽ منهنجي جاءِپناهہ آهي. هو ئي ٻين قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.
اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.
انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.
عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بيعقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.
جيڪو سنئين راهہ تي هلي ٿو سو بچي ويندو، مگر جيڪو ڏنگي راهہ اختيار ٿو ڪري، سو اوچتو ئي اوچتو وڃي کڏ ۾ ڪرندو.
خدا جو هر هڪ قول سچو ثابت ٿئي ٿو. جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا تن جي هو حفاظت ڪري ٿو.
آءٌ ماڻهن ۾ سٺي سوچ پيدا ڪريان ٿي، ۽ سٺي ڪم ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ٿي ڪريان. مون وٽ ئي سمجھہ ۽ طاقت آهي.
اهو خدا جي پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”آءٌ ڏاهن جي ڏاهپ نابود ڪندس ۽ عقلمندن جي عقل کي بيڪار ڪري ڇڏيندس.“
پر جن ماڻهن کي خدا سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.
اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،
جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن.