Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 2:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پر جيڪڏهن اوهين بدڪار ۽ دغاباز هوندا تہ اوهان جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪو حق نہ رهندو ۽ بيڪار ٻوٽن جيان اوهان کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر شرير انهيءَ زمين تان وڍجي ويندا، ۽ جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن تن جي پاڙ انهيءَ مان پٽجي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 2:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اسرائيل تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪندو جيڪو يربعام جي گھراڻي جو خاتمو آڻيندو. هو جلد اچڻ وارو آهي.


سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،


جن مان معلوم ٿو ٿئي تہ جڏهن خدا ڪاوڙبو آهي ۽ ماڻهن کي سزا ڏيندو آهي، تڏهن بدڪار ماڻهن کي ڪجھہ نہ ٿيندو آهي.


شل گنهگار ڌرتيءَ تان بلڪل فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار ڌرتيءَ تي باقي نہ رهن! آءٌ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو.


خداوند انهن سڀني جي حفاظت ٿو ڪري، جيڪي کيس پيار ٿا ڪن. پر هو سڀني بڇڙن کي فنا ڪري ڇڏيندو.


پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا. خداوند جا دشمن چراگاهن جي ساوڪ وانگر نابود ٿيندا. هائو، اهي ائين گم ٿي ويندا جيئن دونهون هوا ۾ گم ٿيو وڃي.


خداوند جن کي برڪت ٿو ڏئي سي ملڪ جا وارث ٿيندا، ۽ جن تي هو لعنت ٿو ڪري سي برباد ٿي ويندا.


جيئن تہ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪري، سو هو پنهنجي نيڪ بندن کي ڇڏي ڪين ٿو ڏئي. بيشڪ سچارن جي هميشہ حفاظت ڪئي ويندي، پر بڇڙن ماڻهن جو نسل برباد ڪيو ويندو.


تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.


”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي، جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ نہ بڻايو، بلڪ پنهنجي گھڻيءَ دولت تي ئي ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پڪو ٿي ويو.“


سچارن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو، مگر بدڪارن جو ملڪ ۾ نالو نشان بہ نہ رهندو.


سچارن جي سچائي سندن رهنمائي ڪري ٿي، مگر دغابازن جي دغا ئي کين برباد ڪريو ڇڏي.


ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.


خداوند سخت غصي ۽ قهر ۾ ڀرجي سندن ئي ملڪ مان هنن جي پاڙ پٽي ڪڍي ۽ کين ڌارئي ملڪ ۾ اڇلايائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.‘“


هو انهن قومن کي ٿورا ٿورا ڪري اوهان وٽان هٽائي ڇڏيندو. سو اوهين انهن کي هڪدم نابود ڪري نہ ٿا سگھو، ڇو تہ متان جھنگلي جانور گھڻا ٿي اوهان تي حملو ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ