20 تنهنڪري اوهين نيڪ ماڻهن جي رستي تي هلو، ۽ ايمانداريءَ واري زندگي گذاريو.
20 انهيءَ لاءِ تہ تون چڱن ماڻهن جي رستي تي هلين، ۽ سچن جون واٽون سنڀالي وٺي اچين.
سو اوهين، اي بدڪار ماڻهو! مون کان ڀڄي پري ٿيو، آءٌ پنهنجي خدا جي احڪامن تي عمل ڪندو رهندس.
آءٌ انهن سڀني جو ساٿي آهيان، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن ۽ تنهنجي قاعدن تي عمل ٿا ڪن.
ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بيوقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.
مون اوهان کي ڏاهپ واري راهہ ڏيکاري آهي ۽ سڌي رستي تي هلڻ ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي اٿم.
بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.
آءٌ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي ۽ عدل جي رستن تي هلان ٿي،
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘
سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.
منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي راهہ تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو خدا جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن خدا کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.