14 اهي بدڪاري ۽ بڇڙائي ڪندي خوشيون ملهائين ٿا.
14 جي برائي ڪرڻ ڪري خوش ٿين ٿا، ۽ بري ماڻهوءَ جي اڳرائيءَ ڪري خوشي ڪن ٿا:
بيعقل کي بدڪاريءَ مان مزو ٿو اچي، مگر سمجھہ وارو ڏاهپ مان لطف حاصل ٿو ڪري.
بدڪار ماڻهو هميشہ بڇڙائي ٿا چاهين، انهن وٽ رحم آهي ئي ڪونہ.
اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بيگناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.
جنهن قوم سان آءٌ پيار ٿو ڪريان سا ڇا ٿي ڪري؟ ايتري گھڻي بدڪاري ڪرڻ بعد منهنجي هيڪل ۾ اچڻ جو کين ڪهڙو حق آهي؟ ڇا هو سمجھن ٿا تہ جانورن جون قربانيون ڪرڻ ۽ واعدن ڪرڻ سان هو پاڻ تان مصيبت ٽاري سگھندا؟
هو پنهنجن ڪُوڙن ۽ بڇڙاين سان پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي بہ ٺڳي ٿا وٺن.
بڇڙا ماڻهو انهن کي ڪنڍيءَ يا ڄار ۾ ڦاسائي مٿي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿا وٺن. هو انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ٿا ڪن ۽ پوءِ هو انهيءَ تي خوش ۽ سرها ٿا ٿين.
اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.
جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.
محبت بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.