Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهن ماڻهن سچائيءَ وارا رستا ڇڏي ڏنا آهن ۽ اونداهيءَ وارن رستن تي ٿا هلن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 2:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ هڪجهڙا ڪنا ٿيا آهن. منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري، هائو، هڪڙو بہ نہ.


انهن جي وات ۾ بڇڙائيءَ ۽ دغا جون ڳالهيون آهن. هنن ڏاهپ ۽ نيڪيءَ کي بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي.


اوهين نڪي ڪجھہ ڄاڻو ٿا ۽ نہ وري سمجھو ٿا، بلڪ اونداهيءَ ۾ پيا ڀٽڪو ٿا. تنهنڪري ڌرتيءَ تان انصاف ختم ٿي ويو آهي.


جيڪو انسان ڏاهپ واري رستي کان ڀٽڪي ٿو وڃي، سو موت جي منهن ۾ وڃيو پوي.


اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي بہ سلامتي حاصل نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي هلت چلت ۾ انصاف تہ آهي ئي ڪونہ. هائو، اوهان پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن، سو جيڪو بہ انهن واٽن تي هلي ٿو، تنهن لاءِ سلامتي بلڪل ناهي.


جڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ئي لوڙيندو.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“


يحيٰ نالي هڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا جي طرفان موڪليو ويو هو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي خبر ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ