10 اوهين ڏاها ٿي پوندا ۽ اوهان جي سمجھہ اوهان کي خوشيون ڏيندي.
10 ڇالاءِ جو ڏاهپ تنهنجي دل ۾ داخل ٿيندي، ۽ علم تنهنجي روح کي پسند ايندو؛
مون سندس حڪمن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، آءٌ پنهنجي خواهشن کي ڇڏي سندس مرضيءَ تي هليو آهيان.
شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.
تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڪيڏيون نہ مٺڙيون آهن، هائو، منهنجي وات جي لاءِ اهي ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺيون آهن.
مون تنهنجي شريعت کي پنهنجي لاءِ ابدي ميراث بڻايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا احڪام منهنجي دل جي خوشي آهن.
مون کي تنهنجي واعدن جي ڪري اهڙي خوشي ملي ٿي، جهڙي ڪنهن کي جھجھو غنيمت وارو مال ملڻ سان.
اي خداوند! تنهنجي شريعت مون کي ڪيڏي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن انهيءَ تي غور ڪندو رهندو آهيان.
اهي ماڻهن کي سون کان، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پسند آهن. اهي ماکيءَ کان، بلڪ ماناري واري ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺا آهن.
انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا.
عقلمند جي دل ۾ ڏاهپ گھر ڪريو ويهي، مگر بيعقلن جي دل ۾ انهيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي نہ ٿي رهي.
ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اوهين اهي قول چڱيءَ طرح ياد رکو تہ جيئن ڪنهن کي هڪدم ٻڌائي سگھو.
ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اها تنهنجي حفاظت ڪندي. انهيءَ سان محبت رک، اها تنهنجي نگهباني ڪندي.
تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.
مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.