Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ جيڪو خداوند جو ٻانهو آهيان، تنهن کي انهن مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. بيشڪ انهن تي عمل ڪرڻ سان بيحد اجر ملي ٿو.


جيڪو ڏاهپ جي ڳالهين تي ڌيان ٿو ڏئي، سو خوشحال ٿيندو. جيڪو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي سو برڪتن وارو ٿيندو.


جيتوڻيڪ ڏاهپ تہ موجود آهي، تہ بہ بي‌عقل دولتمند اها خريد ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن کي ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.


ڪوڙو شاهد سزا کان بچي نہ سگھندو. هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويندو.


ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اوهين اهي قول چڱيءَ طرح ياد رکو تہ جيئن ڪنهن کي هڪدم ٻڌائي سگھو.


جيڪي ڏاهپ حاصل ڪن ٿا، تن لاءِ اها زندگي بخشيندڙ وڻ مثل آهي. هائو، ڏاهپ رکندڙ ماڻهو سڀاڳا آهن.


اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ۽ سمجھہ تي پوريءَ طرح قائم رهو ۽ انهن کان پاڻ کي پري نہ ڪريو.


اهي اوهان کي هڪ ڊگھي ڄمار ۽ خوشحال زندگي بخشينديون.


انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ وسارجو، بلڪ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکجو.


تڏهن منهنجو پيءُ مون کي نصيحت ڪندي چوندو هو تہ ”جيڪڏهن تون منهنجي ڳالهين کي پوريءَ طرح پنهنجي ذهن ۾ رکندين ۽ انهن تي عمل ڪندو رهندين تہ پوءِ تون خوشحاليءَ واري زندگي گذاريندين.


ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اها تنهنجي حفاظت ڪندي. انهيءَ سان محبت رک، اها تنهنجي نگهباني ڪندي.


آءٌ اوهان کي نئين دل عطا ڪندس ۽ اوهان جي اندر ۾ نئون ذهن وجھندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.


جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي دائمي زندگي ملندي.


جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“


ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ حياتي سکي گذارڻ چاهي ۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي، سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي، هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ