Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 امير ماڻهوءَ جي گھڻا ئي خوشامند ڪندا آهن، ۽ بخشش ڏيڻ واري جو هر ڪو دوست بڻجيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 سخي ماڻهوءَ جي مهرباني حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي خوشامد ڪندا: ۽ جيڪو بخششون ٿو ڏئي تنهن جو سڀ ڪو ماڻهو دوست ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“


يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون.


پوءِ هنن سوکڙيون ۽ ٻيڻا پئسا کنيا ۽ بنيامين کي ساڻ ڪري مصر ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن پاڻ کي يوسف جي اڳيان وڃي حاضر ڪيو.


صور شهر جا باشندا نذرانا آڻي تو آڏو حاضر ٿيندا، بلڪ قومن جا دولتمند ماڻهو تنهنجي حمايت جا طالبو ٿيندا.


بادشاهہ جي منهن تي سرهائي ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي علامت آهي. هائو، هن جي مهربانيءَ جي نظر بهار ۾ برسات وسائيندڙ بادل جيان آهي.


ڪن ماڻهن جي خيال ۾ رشوت جادوءَ جهڙو ڪمال ٿي ڏيکاري، ۽ اها سندن لاءِ هر هنڌ ڪاميابيءَ جو باعث آهي.


تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.


بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.


ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڏنل تحفو ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿو. هائو، ڪڇ ۾ لڪائي ڏنل رشوت سخت غصي کي بہ ٿڌو ڪريو ڇڏي.


گھڻا ماڻهو حاڪم جي مهربانيءَ جي طلب ۾ ٿا رهن، مگر انسان کي انصاف خداوند وٽان ئي ملي ٿو.


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ