Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:29 - Muslim Sindhi Bible

29 ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙن لاءِ سزا تيار آهي، ۽ بي‌وقوفن جي پٺيءَ لاءِ چهبڪ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:29
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پٺ تي منهن ورائي انهن کي ڏٺو ۽ خداوند جو نالو وٺي کين پٽيائين. تڏهن ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون جن انهن ڇوڪرن مان ٻائيتاليهن ڄڻن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.


”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


سو جڏهن اوهان تي ڪا مصيبت ايندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کلنديس، ۽ جنهن وقت اوهان کي دهشت وٺي ويندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کل ٺٺوليون ڪنديس.


عقلمند جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن، مگر بي‌عقل جون ڳالهيون سندس پٺيءَ تي لڪڻ ٿيون وساين.


عقلمند ماڻهوءَ تي هڪڙي ڇڙٻ بہ اهڙو اثر ٿي ڪري، جهڙو ڪنهن بي‌عقل تي سؤ چهبڪ بہ نہ ٿا ڪن.


بي‌عقل جي ڳالهائڻ مان فتنو فساد ٿو ڦهلجي، ڄڻ تہ هو پنهنجو پاڻ مار گھري ٿو وٺي.


جهڙيءَ طرح گھوڙي لاءِ لغام ۽ گڏهہ لاءِ چهبڪ ضروري آهي، تهڙيءَ طرح بي‌وقوف جي پٺيءَ لاءِ لڪڻ.


جيڪي ٻين کي حقير سمجھن ٿا تن کي خدا حقير ٿو بڻائي، پر نهٺن ماڻهن تي هو فضل ٿو ڪري.


سو هو هڪدم ائين سندس پٺيان لڳي پيو، جيئن ڪو ڪنڌ جھڪايل ڏاند ڪسجڻ لاءِ نيو ويندو آهي، يا جيئن ڪو هرڻ ڦندي ۾ ڦاسجڻ لاءِ ويندو آهي،


جيڪڏهن اوهين ڏاها آهيو تہ انهيءَ جو اوهان کي ئي فائدو رسندو. پر جيڪڏهن اوهين هٺيلا آهيو تہ انهيءَ مان نقصان بہ اوهان جو ئي ٿيندو.“


تنهنڪري هاڻي اوهين انهيءَ تنبيهہ تي ٽوڪبازي نہ ڪريو، متان اوهان کي قيد ٿيڻ وقت اڃا وڌيڪ مصيبت جو منهن ڏسڻو پوي. انهيءَ سبب جو خداوند قادرِمطلق کان مون ٻڌو آهي تہ هُن سڄي ملڪ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


ظالم ۽ ٽوڪباز هميشہ لاءِ نابود ٿي ويندا. هائو، بدڪاريءَ ۾ زندگي گذاريندڙ سڀيئي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.


جيڪڏهن اهو گنهگار ڦٽڪن کائڻ جي لائق هجي تہ انهيءَ کي زمين تي سمهاري، جج پنهنجي روبرو سندس گناهہ مطابق کيس ڳڻي ڦٽڪا هڻائي.


ڏس، خداوند جنهن سان محبت ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ