اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو تہ ڪيو هو پر خدا انهيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ هو گھڻن ئي ماڻهن جي جان بچائي، جيئن اڄڪلهہ ٿي رهيو آهي.
تنهن تي ابيسلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابيسلوم تي آفت نازل ڪري.
پر جڏهن ان منصوبي جي خبر شهنشاهہ تائين پهتي تہ هن فرمان جاري ڪري يهودين خلاف اها سازش موٽائي هامان جي ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ هامان ۽ سندس پٽن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو.
منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيدين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.