Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:15 - Muslim Sindhi Bible

15 سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ڪم ۾ سُستي ٿا ڪن، سي بربادي ڪرڻ وارن جا ڀائر آهن.


ڪي ماڻهو ايترا تہ سُست ٿا ٿين جو پنهنجو کاڌو رڪابيءَ مان کڻي وات تائين آڻڻ کان بہ ڪيٻائين ٿا.


جيڪو سدائين ننڊون ٿو ڪري سو محتاج بڻجيو وڃي، مگر جيڪو سجاڳ رهي محنت ٿو ڪري، تنهن وٽ ڪا کوٽي ڪانهي.


سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي، جيڪو مون کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو.“


شراب خور ۽ پيٽوڙي آخرڪار ڪنگال ٿي ويندا آهن، ۽ سندن مدهوشيءَ جي ڪري کين ڦاٽل ڪپڙا پهريل هوندا آهن.


جيڪڏهن اوهين چوندا تہ ”اڃا بہ ٿوري ننڊ، بلڪ پنڪي هڻي وٺون، ۽ ٻانهون سوڙهيون ڪري ٿورو آرام ڪري وٺون،“


هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي سٺي سار سنڀال ٿي ڪري، ۽ ڪڏهن بہ سُستي نہ ٿي ڪري.


پر ياد رکو، اوهين ننڊ ۾ ئي هوندا تہ غريبي اوهان تي ڪنهن رهزن وانگر اچي ڪڙڪندي. هائو، مفلسي اوهان تي ڪنهن هٿياربند ڌاڙيل جيان اچي حملو ڪندي.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم جا سڀيئي نگهبان انڌا آهن. انهن سڀني کي ڪا ڄاڻ نہ آهي. هائو، اهي سڀ اهڙن بيڪار پهريدار ڪتن مثل آهن، جيڪي گونگا آهن ۽ ڀونڪي بہ نہ ٿا سگھن. اهي خوابن ۾ گم رهڻ وارا آهن، جن کي سستيءَ مان ليٽيو رهڻ ئي پسند آهي.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن بہ اوهان کي تاڪيد ڪيو هوسين تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اهو کائي بہ نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ