هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماءُ پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماءُ پيءُ جي لاءِ.
تہ جڏهن هو پنهنجي ميراث پنهنجي پٽن ۾ ورهائي تڏهن سندس اڻوڻندڙ زال جو پٽ، جيڪو سچ پچ سندس پهريتو پٽ آهي، تنهن جي هوندي پنهنجيءَ وڻندڙ زال جي پٽ کي پهريتو قرار نہ ڏئي.
اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.