Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:13 - Muslim Sindhi Bible

13 بي‌وقوف اولاد والدين لاءِ مصيبت آهي، ۽ جھيڙاڪ زال سياري جي برسات جي جھَڪ مثل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي آفت آهي: ۽ زال جا جهيڙا جهڳڙا هميشہ ٽمندڙ پاڻيءَ وانگر آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن پاڻي پٿرن کي گسايو ڇڏي، ۽ ٻوڏ زمين جي مٽيءَ کي لوڙهيو ڇڏي، تهڙيءَ طرح تون انسان جي اميد کي ناس ڪري ڇڏين ٿو.


هي سليمان جون چوڻيون آهن. داناءَ ٻار پنهنجي والدين جي خوشيءَ جو سبب ٿا بڻجن، مگر نادان ٻار سندن ڏک جو باعث بڻجن ٿا.


ڏاهن ٻارن مان والدين خوش ٿا رهن، مگر بي‌عقل پنهنجي والدين کي ڏک ٿا رسائين.


دوست بيشڪ پنهنجي دوستي نڀائي ٿو، مگر ڀاءُڀيڻ تہ پيدا ئي مصيبت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ آهن.


جن والدين جا ٻار بي‌عقل آهن، تن کي رڳو تڪليف ۽ ڏک ٿو ملي.


بي‌وقوف اولاد پنهنجي والدين لاءِ ڏک ۽ رنج جو باعث آهن.


جھڳڙيلو ۽ چيڙاڪ زال سان گڏ رهڻ کان رڻ‌پٽ ۾ وڃي رهڻ بهتر آهي.


جھڳڙيلو زال سان گڏ گھر ۾ رهڻ کان اهو بهتر آهي، تہ ماڻهو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي گذاري.


جھڳڙيلو زال سان گڏ گھر ۾ رهڻ کان اهو بهتر آهي، تہ ماڻهو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي گذاري.


جھيڙاڳل زال ائين تنگ ٿي ڪري، جيئن مينهن واري ڏينهن ڦڙ ڦڙ جو لڳاتار پوندو رهڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ