11 غصي کي قابوءَ ۾ رکڻ عقلمندي آهي، ۽ خطا کي درگذر ڪرڻ ۾ مان مرتبو آهي.
11 ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي.
نہ تہ دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني ندين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ آءٌ انهن ۾ غسل ڪري پاڪ نہ ٿو ٿي سگھان ڇا؟“ سو هو ڪاوڙ ۾ اتان موٽيو.
چغلخور تي رازداريءَ جو ڀروسو نہ ٿو ڪري سگھجي، مگر جيڪو ايماندار ماڻهو آهي سو ئي رازدار ٿي سگھي ٿو.
بيوقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.
جذباتي انسان پنهنجي بيوقوفي ظاهر ڪيو ڇڏي، مگر صبر وارو انسان نهايت عقلمند ٿئي ٿو.
جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.
وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.
جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.
بڇڙائيءَ جو بدلو وٺڻ بابت نہ سوچو، بلڪ خداوند تي ڀروسو رکو، هو پاڻ اوهان جو انصاف ڪندو.
جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بيوقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن.
جيڪڏهن اوهان جو دشمن بکايل آهي، تہ کيس کارايو، جيڪڏهن هو اڃايل آهي تہ کيس پيئاريو.
بيعقل ماڻهو کُليو کُلايو پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪريو وجھن، مگر ڏاها ماڻهو صبر ڪندي ڪاوڙ کي پي ٿا وڃن.
هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.
اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،