Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 19:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ڀلي غربت هجي، پر ايمانداري هجي، اها انهيءَ نادانيءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ ڪوڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اُهو غريب ماڻهو جو پنهنجي سچائيءَ ۾ هلي ٿو سو بهتر آهي، انهيءَ ماڻهو کان جو پنهنجن چپن ۾ ڏنگو آهي ۽ بي عقل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 19:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيئن تہ آءٌ پنهنجي سچائيءَ سان هلندو رهان ٿو، سو تون مون تي رحم ڪر ۽ مون کي اچي ڇڏاءِ.


اهي هر وقت رحم ڪندي قرض ڏيندا رهن ٿا. سو سندن اولاد سندن لاءِ برڪت ئي برڪت ٿو بڻجي.


سچار ماڻهو دوستن جي رهنمائي ٿا ڪن، مگر بدڪارن جي راهہ گمراهي آهي.


سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.


خدا جو خوف رکندي گھٽ دولتمند هجڻ، انهيءَ وڏي دولتمند هجڻ کان بهتر آهي، جنهن ۾ پريشانيون ئي پريشانيون هجن.


بي‌ايمانيءَ سان جھجھي دولت گڏ ڪرڻ کان ايمانداريءَ سان ٿوري تي گذارو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.


وفاداري هڪ سٺي ۽ پسنديدہ خوبي آهي. ڪوڙي شاهديءَ جي ڪمائيءَ کان غربت بهتر آهي.


جن جا والدين سچار ۽ سڌي رستي تي ٿا هلن، سي ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن!


ايماندار غريب ماڻهو بي‌ايمان دولتمند کان بهتر آهي.


ڪوڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ وات مان نہ ڪڍجو، نڪي ٺڳيءَ واريون ڳالهيون پنهنجي چپن تي آڻجو.


اوهان جا هٿ خون سان ڀريل آهن، ۽ اوهان جا پير بدڪاريءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن. اوهان جا چپ ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ اوهان جون زبانون بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون ڪن.


ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“


آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو آقا هن خبيث ماڻهوءَ نابال ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏئي، ڇو تہ جهڙو سندس نالو آهي تهڙو ئي هو پاڻ احمق آهي. پر مون توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا جي موڪليل نوڪرن کي نہ ڏٺو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ