9 جيڪي ڪم ۾ سُستي ٿا ڪن، سي بربادي ڪرڻ وارن جا ڀائر آهن.
9 جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ڍرو آهي سو بہ انهيءَ جو ڀاءُ آهي جو ناس ڪندڙ آهي.
منهنجي پڪار اهڙي غمگين ۽ اٻاڻڪي آهي، جيئن ڪنهن گدڙ يا شترمرغ جي رُوڙ.
سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي.
چغلخور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، جن کي هر ڪو کائڻ ٿو چاهي.
سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.
جيڪو پنهنجي والدين سان ٺڳي ٿو ڪري، ۽ سمجھي ٿو تہ اهو ڪو گناهہ ناهي، سو ڪنهن رهزن کان گھٽ نہ آهي.
تنهن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏهن تو کي اها بہ خبر هئي تہ آءٌ اهو لڻندو آهيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آهيان ۽ اهو گڏ ڪندو آهيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آهيان،
محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.
سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.