8 چغلخور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، جن کي هر ڪو کائڻ ٿو چاهي.
8 چغل خور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن.
تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.
تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.
دوکيباز ماڻهو ٻين ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿا پيدا ڪن، ۽ چغلخور ماڻهو دوستن ۾ دشمنيون وجھيو ڇڏين.
بيوقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.
جيڪي ڪم ۾ سُستي ٿا ڪن، سي بربادي ڪرڻ وارن جا ڀائر آهن.
اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.