7 بيوقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.
7 بي عقل جو وات سندس موت آهي، ۽ سندس چپ سندس روح جو ڦانڌو آهن.
جيڪي پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري چوڌاري مون کي گھيرو ڪن ٿا، تن جا بڇڙائيءَ وارا دڙڪا شال سندن مٿان ئي پون!
سندن ئي زبان سندن برباديءَ جو سبب بڻبي، ۽ پوءِ جيڪو بہ انهن کي ڏسندو، سو حيرت وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندو.
عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪندو ٿو رهي، مگر بڪواسي بيعقل ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي تباهہ ڪريو ڇڏي.
ڏاها ماڻهو سٺي صلاح ٻڌي اها مڃين ٿا، مگر بڪواسي بيوقوف ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏين.
بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.
جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.
بيوقوف جو غرور منجھان ڳالهائڻ اهڙيءَ لٺ مثل آهي، جيڪا سندس ئي پٺيءَ تي ٿي وسي. مگر عقلمندن جون ڳالهيون سندن حفاظت ٿيون ڪن.
عقلمند انسان لاءِ عقل حياتي بخشيندڙ چشمو آهي، مگر بيعقل بيوقوفيءَ جي تربيت حاصل ڪري ٿو.
چغلخور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، جن کي هر ڪو کائڻ ٿو چاهي.
بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.
تڏهن اوهين پنهنجي ڳالهين ۾ ئي ڦاٿل آهيو. هائو، اوهين پنهنجي ڪيل واعدي جا پابند آهيو.
جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“