Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جتي بدڪاري آهي اتي خواري بہ اچيو پهچي، هائو، اتي بدناميءَ سان گڏ ملامت بہ اچيو ڪڙڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جڏهن شرير اچي ٿو تڏهن اُتي نفرت بہ اچي ٿي، ۽ بدناميءَ سان گڏ ملامت اچي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون دعا گھري تہ ”اي اسان جا خدا! اسان جي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ اسان کي ڌڪاريو پيو وڃي. تون انهن جي ملامت ڦيرائي سندن ئي مٿان وِجھہ. لٽ ڦر واري مال طور کين انهيءَ ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏ جنهن ۾ هو غلام ٿي گذارين.


مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.


منهنجي اندر ۾ تنهنجي گھر لاءِ ايتري تہ غيرت آهي، جو جيڪي طعنا تو کي ٿا هنيا وڃن سي مون تي ٿا اچيو پون.


جتي هٺ آهي، اتي خواري اچيو پهچي. جتي ڏاهپ آهي، اتي نماڻائي ديرو ڄمائي ٿي.


سچار ماڻهو ڪوڙ کان نفرت ٿو ڪري، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي ڳالهين جي ڪري نفرت جوڳو ۽ خوار خراب ٿو ٿئي.


بي‌عقل ماڻهو سمجھہ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نہ ٿو رکي، اٽلندو اهو چاهي ٿو تہ رڳو سندس ڳالهيون ٻڌيون وڃن.


ڪن ماڻهن جون ڳالهيون ڏاهپ واريون ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جيان اونهيون ۽ وهندڙ نديءَ جيان تازيون هونديون آهن.


ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي.


جڏهن ڏنگا ماڻهو طاقت ۾ اچي وڃن ٿا، تڏهن ڏوهہ وڌي وڃن ٿا. تنهن هوندي بہ سچار ماڻهو هڪڙي ڏينهن انهن جي تباهي ڏسندا.


جيڪڏهن مسيح جي نالي جي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪئي ٿي وڃي تہ اوهين سڀاڳا آهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نهايت عظمت واري روح جي ڇانوَ اوهان تي آهي.


هاڻي انهن غير ايمان وارن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين هنن جي اهڙي سخت بدچاليءَ ۾ ساڻن شريڪ ڇو نہ ٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.


تڏهن سائول يونتن تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي فسادي عورت جا پٽ! هاڻ مون کي خبر پيئي تہ تون يسيءَ جي پٽ جي طرفداري ٿو ڪرين ۽ پاڻ کي ۽ جنهن تو کي ڄڻيو آهي تنهن کي بہ ذليل ٿو ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ