23 غريب عاجزيءَ سان ٿو ڳالهائي، مگر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.
23 غريب منٿون آزيون ٿو ڪري: پر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.
کيس چيائون تہ ”مصر جي وزير اعظم اسان سان کهرو ڳالهايو ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجھيائين.
يوسف پنهنجي ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر نہ سڃاڻڻ وارو نمونو ڪري ساڻن کهرو ڳالهايائين. هن کانئن پڇيو تہ ”ڪٿان ٿا اچو؟“ هنن ورندي ڏني تہ ”اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان ملڪ مان آيا آهيون.“
رحبعام پنهنجي پيءُ جي صلاحڪارن جي صلاح کي رد ڪندي انهن ماڻهن کي شوخيءَ سان جواب ڏنو.
پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“
جڏهن غريب ماڻهوءَ کان سندس ڀائر ئي نفرت ٿا ڪن، تڏهن سندس دوست کانئس ڪيڏو نہ پري ڀڄندا، توڙي جو هو مدد لاءِ سندن پٺيان ڊوڙندو وتي.
شاهوڪار ماڻهو غريب تي حڪمراني ٿو ڪري، ساڳيءَ طرح قرض وٺڻ وارو قرض ڏيڻ واري جو غلام ٿو ٿئي.
هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہتائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.
”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.
هاڻي جيڪڏهن اوهين شاندار پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”اوهين هِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهو،“ پر هن غريب ماڻهوءَ کي چئو تہ ”تون هُتي بيهہ،“ يا ”هِتي منهنجي پيرن وٽ اچي ويهہ،“
پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بيعزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟
هن مون کي چيو تہ ’مهرباني ڪري مون کي لاباري ڪرڻ وارن جي پٺيان ٻڌل سٿرين جي وچان ڪريل سنگ ميڙي گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏي.‘ سو هن اچي صبح کان وٺي هن وقت تائين ساندهہ ڪم پئي ڪيو آهي. رڳو ٿوري دير لاءِ ڇپري هيٺان ساهہ پٽيو اٿس.“
تنهنجي اولاد مان باقي جيڪي بچيل هوندا سي چانديءَ جي هڪڙي سڪي يا مانيءَ جي هڪڙي ٽڪري لاءِ اچي انهيءَ جي اڳيان ڪنڌ جھڪائيندا ۽ کيس منٿ ڪري چوندا تہ ’اسان کي ڪهانت جي ڪنهن بہ خدمت لاءِ مقرر ڪر تہ اسين مانيءَ ٽڪر کائون.‘“
تڏهن نابال دائود جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهو دائود ڪير ٿيندو آهي؟ اهو يسيءَ جو پٽ ڪير ٿيندو آهي؟ اڄڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن، جيڪي پنهنجن مالڪن وٽان ڀڄي ٿا نڪرن.
تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“