22 نيڪ زال ڪنهن ڀاڳ واري کي ملي ٿي، ۽ انهيءَ ۾ خداوند جي رضامندي آهي.
22 جنهن کي زال ملي ٿي تنهن کي هڪڙي چڱي شيءِ ملي ٿي، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ٿو ڪري.
پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“
پوءِ اسحاق ربقہ کي ان تنبوءَ ۾ وٺي آيو جنهن ۾ سندس ماءُ رهندي هئي. پوءِ هن ساڻس شادي ڪئي. اسحاق ربقہ سان پيار ڪرڻ لڳو، انهيءَ ڪري اسحاق کي سندس ماءُ جي وفات جي ڏک کان تسلي ملي.
يعقوب اها ڳالهہ کڻي قبول ڪئي. سو جڏهن ستاواڙو پورو ٿيو تہ لابن پنهنجي ڌيءَ راخل بہ کيس پرڻائي ڏني.
نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بيشرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.
مال ملڪيت تہ ابن ڏاڏن کان ميراث ۾ ٿي ملي، پر سياڻي زال خداوند جي طرفان ئي تحفو آهي.
ائين ڪرڻ سان ئي اوهين خدا ۽ ماڻهن جي نظر ۾ مقبوليت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪندا.
انهيءَ سبب جو جيڪو مون کي ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجي حياتي ٿو حاصل ڪري. بيشڪ اهو ئي خداوند جو فضل حاصل ڪندو.
جيڪا عورت خدا اوهان کي عطا ڪئي آهي جنهن سان اوهان کي محبت آهي، تنهن سان پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ جا سڀ ڏينهن خوشيءَ سان گذاريو. هائو، هن دنيا اندر اوهان جي محنت مشقت واري حياتيءَ ۾ اهو ئي اوهان لاءِ ڪافي آهي.
يعقوب ارام ملڪ ڏانهن ڀڳو، هائو، اسرائيل اتي پنهنجي زال جي خاطر ٻانهو بڻيو، ۽ سهري جون رڍون چارڻ لڳو.
پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.
انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تانتہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“