Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:21 - Muslim Sindhi Bible

21 حياتي ۽ موت انسان جي زبان جي وس ۾ آهن، سو انسان جيڪي ڪجھہ ڳالهائي ٿو، تنهن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 حياتي ۽ موت زبان جي وس آهن؛ ۽ جيڪي انهيءَ کي پيار ڪن ٿا سي انهيءَ جو ڦر کائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:21
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


سچارن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون نڪرنديون رهنديون، جڏهن تہ ڪوڙن جي زبان وڍي ويندي.


جيئن چڱا ميوا ڦلدار وڻ مان ملندا آهن، تيئن نيڪ ماڻهن جا عمل زندگي بخشين ٿا، مگر بڇڙائي حياتيون برباد ڪريو ڇڏي.


بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.


جيڪو پنهنجيءَ زبان تي ضابطو رکي ٿو، سو گھڻين ئي تڪليفن کان بچيو وڃي.


جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.


جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


پر اوهان بدڪاري پوکي ۽ ناانصافي لڻي اٿوَ، اوهان ڪوڙ جي ميوي سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي. اوهان پنهنجي گھوڙي گاڏين، ۽ بهادرن جي گھڻائيءَ تي ڀروسو رکيو.


تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا خادم بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي.


يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي زندگي بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟


اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.


اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي فضيلت واري ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن گمراهيءَ واري زندگيءَ مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ