Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بي‌عقل ماڻهو سمجھہ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نہ ٿو رکي، اٽلندو اهو چاهي ٿو تہ رڳو سندس ڳالهيون ٻڌيون وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 بي عقل کي سمجهہ مان ڪابہ خوشي حاصل نٿي ٿئي، سواءِ هن جي تہ سندس دل پنهنجو حال ظاهر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بي‌عقل آهن.


سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.


عقلمند ماڻهو ڪوبہ ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪندا آهن، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي جهالت جو اشتهار بڻجيو وڃن.


جيتوڻيڪ ڏاهپ تہ موجود آهي، تہ بہ بي‌عقل دولتمند اها خريد ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن کي ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.


جتي بدڪاري آهي اتي خواري بہ اچيو پهچي، هائو، اتي بدناميءَ سان گڏ ملامت بہ اچيو ڪڙڪي.


بي‌عقل ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي طريقن مان ئي سندن بي‌وقوفي ظاهر ٿئي ٿي. هائو، کين ڏسي آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ اهي بي‌عقل آهن.


تنهن تي سڄو شهر عيسيٰ سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. جڏهن هن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪندي چوڻ لڳس تہ ”سائين! مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“


اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن نعمتن جي استعمال سان ڪليسيا جي روحاني ترقي ٿئي.


هاڻي بتن تي قرباني ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ محبت ترقي عطا ڪري ٿي.


پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان حسد ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ