جيئن سندن مائٽن بني هارون ڪڻا وڌا هئا، تيئن ئي هنن سڀني بہ ڪُڻا وڌا. ان وقت بہ دائود بادشاهہ، صدوق ۽ اخيملڪ ڪاهن ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا شاهد طور موجود هئا. ڪڻن ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو فرق نہ رکيو ويو.
پوءِ سائول خداوند کان دعا گھري تہ ”اي بني اسرائيل جا خدا! تو اڄ پنهنجي ٻانهي کي ورندي ڇو نہ ڏني؟ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! مون کي اڄ ٻڌاءِ تہ حقيقت ڇا آهي.“ تڏهن ڪُڻي وجھڻ سان يونتن ۽ سائول جا نالا نڪتا ۽ ٻيو ڪوبہ ماڻهو ڏوهاري ثابت نہ ٿيو.