Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ماڻهوءَ جو تحفو هن جي لاءِ جاءِ ڪري ٿو، ۽ هن کي وڏن ماڻهن جي اڳيان آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“


پر يعقوب وراڻيو تہ ”نہ، هاڻي جيڪڏهن توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي تہ ڀلائي ڪري منهنجي سوکڙي قبول ڪريو، ڇو تہ منهنجي لاءِ توهان جو منهن ڏسڻ خدا جي منهن ڏسڻ وانگر آهي جو توهان مون تي اهڙا راضي ٿيا آهيو.


تڏهن سندن پيءُ يعقوب کين چيو تہ ”جي ائين آهي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هيئن ڪريو جو هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجھو ۽ اهي سوکڙيءَ طور وزير اعظم لاءِ کڻي وڃو. تن ۾ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، کؤنر، مُرَ، پستا ۽ باداميون هجن.


تڏهن بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ڀلي وڃ. آءٌ تو کي اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن خط بہ ڏيان ٿو.“ سو نعمان پاڻ سان ٽي سؤ پنجاهہ ڪلوگرام چاندي، ستر ڪلوگرام سون ۽ ڏهہ جوڙا ڪپڙن جا کڻي روانو ٿيو.


ڪن ماڻهن جي خيال ۾ رشوت جادوءَ جهڙو ڪمال ٿي ڏيکاري، ۽ اها سندن لاءِ هر هنڌ ڪاميابيءَ جو باعث آهي.


عدالت ۾ جيڪو پهريائين پنهنجو بيان پيش ٿو ڪري، سو تيستائين سچو معلوم ٿئي ٿو، جيستائين سندس مخالف هن جي بيان کي ڪوڙو ثابت نہ ڪري.


امير ماڻهوءَ جي گھڻا ئي خوشامند ڪندا آهن، ۽ بخشش ڏيڻ واري جو هر ڪو دوست بڻجيو وڃي.


ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڏنل تحفو ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿو. هائو، ڪڇ ۾ لڪائي ڏنل رشوت سخت غصي کي بہ ٿڌو ڪريو ڇڏي.


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون، پراڻي مئي جي سانداري ۽ هڪڙو ڇيلو رکي اهو پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏانهن ڏياري موڪليو.


هاڻي هي نذرانو جيڪو توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ اوهين پنهنجي نوڪرن کي ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ