Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 18:15 - Muslim Sindhi Bible

15 سياڻا ماڻهو سمجھڻ جو چاهہ رکن ٿا. هائو، عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 18:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو مون پنهنجي ٻانهي کي سمجھہ ڀري دل عطا ڪر، جنهن سان آءٌ تنهنجي قوم مٿان انصاف سان حڪمراني ڪريان ۽ چڱي ۽ بري جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان. نہ تہ ڪير آهي جيڪو تنهنجي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪري سگھي؟“


ابن ڏاڏن جون اهي حقيقتون تو کي هي سيکارينديون، هائو، سندن دانائي تو کي هيءَ ڄاڻ ڏيندي تہ


هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا،


عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪندو ٿو رهي، مگر بڪواسي بي‌عقل ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي تباهہ ڪريو ڇڏي.


سمجھہ واري ماڻهوءَ جي دل وڌيڪ ڄاڻ جي طلب ۾ رهي ٿي، مگر بي‌عقل ماڻهو بي‌وقوفيءَ جا ئي بکايل ٿا رهن.


جيڪو زندگي سڌاريندڙ سيکت تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عقلمندن ۾ شمار ڪيو ويندو.


سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو.


ڏاهپ ۽ سمجھہ حاصل ڪر. منهنجي نصيحتن کي پوريءَ طرح دل ۾ سانڍي رک ۽ ڪنهن بہ هڪ کي نظرانداز نہ ڪر.


ڏاهپ سڀني کان افضل شيءِ آهي، تنهنڪري اها حاصل ڪر. ڀلي کڻي تو وٽ ٻيو گھڻو ڪجھہ ڇو نہ هجي، پر ڏاهپ انهن سڀني کان وڌيڪ بهتر آهي.


اوهين ڏاهي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪندا تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو. سچي ماڻهوءَ کي سيکاريندا تہ سندس ڄاڻ اڃا وڌيڪ ٿيندي.


ان عورت جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ