11 پر دولتمند ماڻهوءَ جي نظر ۾ دولت ئي سندس لاءِ مضبوط قلعو ۽ ڪوٽ وارو شهر آهي.
11 دولت مند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي، ۽ سندس خيال ۾ هڪڙي وڏي ڀت آهي.
دولت شاهوڪار لاءِ هڪ مضبوط قلعي مثل آهي، مگر غربت غريبن کي ناس ڪريو ڇڏي.
خدا جي سزا کان دولت نہ بچائي سگھندي، مگر ايمانداري ئي بچائي سگھندي.
مغروري انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺيو وڃي، پر نماڻائي انسان کي عزت واري مقام تي ٿي پهچائي.
دولتمند ماڻهو پاڻ کي هميشہ ڏاهو ٿا سمجھن، مگر عقلمند توڙي جو غريب هجي تہ بہ انهن کي پرکي سگھي ٿو.
جيتوڻيڪ ڏاهپ دولت وانگر انسان جي حفاظت بہ ڪري ٿي، تہ بہ ڏاهپ جي ڄاڻ رکڻ مان هميشہ وارو فائدو اهو آهي جو اها ڏاهن کي زندگي بخشي ٿي.
خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾ گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا، جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن، جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“
اها ڳالهہ خود اسان جا دشمن بہ ڄاڻين ٿا تہ سندن محافظ اسان جي طاقتور محافظ جهڙا ناهن.