Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ڪن ماڻهن جي خيال ۾ رشوت جادوءَ جهڙو ڪمال ٿي ڏيکاري، ۽ اها سندن لاءِ هر هنڌ ڪاميابيءَ جو باعث آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 سوکڙي جنهن کي ملي ٿي تنهن جي نظر ۾ هڪڙو جواهر آهي: جيڏانهن هو ڦري ٿو اوڏانهن هو فتحياب ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جهڙوڪ: ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گھٽا،


سو هن جون سوکڙيون هن کان اڳ ۾ ويون پر هن پاڻ اها رات قافلي ۾ گذاري.


تڏهن سندن پيءُ يعقوب کين چيو تہ ”جي ائين آهي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هيئن ڪريو جو هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجھو ۽ اهي سوکڙيءَ طور وزير اعظم لاءِ کڻي وڃو. تن ۾ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، کؤنر، مُرَ، پستا ۽ باداميون هجن.


انهيءَ وقت آءٌ ڄڻ ڪنهن اونهيءَ ٻوڏ ۾ ڦاٿل هئس، جنهن مان خداوند بلنديءَ تان هٿ وڌائي مون کي ڇڪي ڪڍي ورتو.


هو آسمان جي هڪڙي ڇيڙي کان نڪري ٻئي ڇيڙي تائين گشت ڪري ٿو. هن جي گرميءَ کان ڪڏهن بہ ڪا شيءِ لڪي نہ ٿي سگھي.


اي خداوند! تنهنجي قدرت جي ڪري اسين تنهنجي واکاڻ ڪنداسين. هائو، اسين گيت ڳائيندي تنهنجي عجيب ڪمن جي تعريف ڪنداسين.


خداوند جو آواز وڏي قدرت ۽ زور وارو آهي. هائو، سندس آواز شاهي شان وارو آهي.


اوهين رشوت نہ وٺو، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


بڇڙا ماڻهو ڳجھيءَ طرح رشوت جي ڏي وٺ ڪن ٿا، تہ جيئن انصاف کي ٽوڙيو وڃي.


تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.


ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڏنل تحفو ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿو. هائو، ڪڇ ۾ لڪائي ڏنل رشوت سخت غصي کي بہ ٿڌو ڪريو ڇڏي.


ظلم وَ ستم جي وقت ماڻهو عقلمندن کي بي‌عقل سمجھن ٿا، ۽ رشوت سمجھہ کي ناس ڪريو ڇڏي.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو.


هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.


اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.


پوءِ جيڪي بہ ابيجيل آندو هو سو دائود قبول ڪيو ۽ چيائينس تہ ”سلامتيءَ سان پنهنجي گھر ڏانهن هلي وڃ. مون تنهنجي ڳالهہ مڃي ۽ تنهنجو عرض قبول ڪيو اٿم.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ