Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪي غريبن تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، سي ڄڻ تہ سندن خالق جي بي‌حرمتي ٿا ڪن، ۽ ٻئي جي مصيبت تي خوش ٿيڻ وارا سزا کان بچي نہ ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيڪو غريبن تي ٺٺوليون ٿو ڪري سو خالق جي حقارت ٿو ڪري: ۽ جيڪو آفت تي خوش ٿو ٿئي سو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيو آهيان؟ يا جڏهن مٿس ڪا آفت آئي تہ ڇا مون کي ڪا خوشي ٿي؟


منهنجي اندر ۾ تنهنجي گھر لاءِ ايتري تہ غيرت آهي، جو جيڪي طعنا تو کي ٿا هنيا وڃن سي مون تي ٿا اچيو پون.


جيڪي غريبن تي رحم ٿا ڪن سي سڀاڳا آهن، مگر جيڪي انهن کان نفرت ٿا ڪن سي گناهہ ٿا ڪن.


جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ پنهنجي خالق جي بي‌حرمتي ٿو ڪري. مگر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري، سو خدا جي تعظيم ٿو ڪري.


هر مغرور انسان کان خداوند کي نفرت آهي، يقيناً اهي سزا کان بچي نہ سگھندا.


پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.


کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي عمونيؤ! جنهن وقت مقدس هيڪل کي پليت ڪيو ويو، بني اسرائيل جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو ۽ يهوداہ وارن کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن وقت اوهان ”واہ واہ“ چئي خوشيون ملهايون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ادوم وارؤ! جيئن تہ اوهان پنهنجي هم‌قوم ڀائرن، يعني يعقوب جي اولاد کي لٽيو ڦريو ۽ کين قتل ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين هميشہ جي لاءِ برباد ۽ خوار خراب ڪيا ويندا.


منهنجيءَ قوم منهنجي پاڪ جبل صيئون تي منهنجي غضب جو پيالو پيتو آهي. پر جلد ئي سندن آس‌پاس واريون قومون انهيءَ کان بہ وڌيڪ منهنجي غضب جو پيالو پيئنديون. هائو، اهي اهو پيالو پيون پيئنديون ۽ ڳڙڪائينديون، ايتري تائين جو دنيا ۾ سندن وجود ئي باقي نہ رهي.“


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ