21 جن والدين جا ٻار بيعقل آهن، تن کي رڳو تڪليف ۽ ڏک ٿو ملي.
21 جيڪو بيوقوف ٻار ٿو ڄڻي سو پنهنجي لاءِ ڏک ٿو پيدا ڪري: ۽ بيوقوف جي پيءُ کي ڪابہ خوشي حاصل ڪانهي.
جڏهن عيسو چاليهن سالن جو ٿيو، تڏهن حِتي قوم جي ٻن ڇوڪرين سان شادي ڪيائين، هڪڙي بيريءَ جي ڌيءَ يهوديت ۽ ٻي اَيلون جي ڌيءَ باسمت.
تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابيسلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابيسلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابيسلوم! او منهنجا پٽ!“
هي سليمان جون چوڻيون آهن. داناءَ ٻار پنهنجي والدين جي خوشيءَ جو سبب ٿا بڻجن، مگر نادان ٻار سندن ڏک جو باعث بڻجن ٿا.
ڏاهن ٻارن مان والدين خوش ٿا رهن، مگر بيعقل پنهنجي والدين کي ڏک ٿا رسائين.
بيوقوف اولاد پنهنجي والدين لاءِ ڏک ۽ رنج جو باعث آهن.
بيوقوف اولاد والدين لاءِ مصيبت آهي، ۽ جھيڙاڪ زال سياري جي برسات جي جھَڪ مثل آهي.
مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.
منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.
پر هن جا پٽ سندس راهہ تي نہ هليا، بلڪ هو لالچ ۾ پئجي گمراهہ ٿي ويا ۽ رشوتون وٺي بيانصافي ڪرڻ لڳا.