Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:2 - Muslim Sindhi Bible

2 عقلمند نوڪر مالڪ جي انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو، جيڪو پيءُ جي خواريءَ جو باعث آهي. مالڪ پنهنجي انهيءَ نوڪر کي ملڪيت مان پٽن سان گڏ حصو ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جيڪو نوڪر ڏاهپ سان ڪم ڪار ڪري ٿو سو انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو جو خواري پيدا ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حصو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو وقت تي فصل ميڙي گڏ ڪري ٿو رکي سو ڏاهو آهي، مگر جيڪو انهيءَ وقت سمهي ننڊون ٿو ڪري، سو خوار خراب ٿو ٿئي.


جيڪو ماڻهو پنهنجي گھراڻي کي تڪليف ۾ ٿو وجھي، تنهن کي ورثي ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو. بي‌وقوف ماڻهو عقلمندن جا هميشہ غلام ٿي رهندا.


بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي، جيڪو ڏاهپ سان ٿو هلي، مگر بي‌وقوفيءَ سان هلڻ واري تي بادشاهہ ڪاوڙجي کيس سزا ٿو ڏئي.


دلي سڪون سان رُکو گرهہ کائڻ اهڙي دعوت کان بهتر آهي، جنهن ۾ عمدن طعامن سان گڏ جھيڙا جھڳڙا هجن.


سون ۽ چانديءَ کي تہ باهہ جي وسيلي پرکجي ٿو، مگر انساني دلين کي پرکڻ وارو خداوند ئي آهي.


جيڪو اولاد پنهنجي والدين سان خراب هلت هلي کين گھر مان ڪڍي ٿو ڇڏي، سو نفرت جوڳو ۽ خوار خراب اولاد آهي.


مار ڏيڻ ۽ ڇينڀڻ ٻارن کي ڏاهپ ٿو سيکاري، مگر جيڪي ٻار پنهنجي منهن ڇڏيا ٿا وڃن، سي پنهنجي والدين لاءِ شرمندگيءَ جو سبب ٿا بڻجن.


اهو غريب ۽ ڏاهو نوجوان جيڪو قيد مان نڪري اچي بادشاهہ بڻيو هجي، توڙي جو اهو شاهي خاندان مان نہ هجي، تہ بہ اهو انهيءَ پوڙهي بي‌وقوف بادشاهہ کان وڌيڪ بهتر آهي، جيڪو ڪنهن جي صلاح ئي نہ ٿو وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ