چوڻيون 17:19 - Muslim Sindhi Bible19 جيڪو بدڪاريءَ کي پسند ٿو ڪري سو جھيڙي جھڳڙي کي دعوت ٿو ڏئي، ۽ مغروريءَ سان ڳالهائيندڙ پنهنجي برباديءَ کي دعوت ٿو ڏئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 جيڪو جهيڙي جهڳڙي کي پيار ڪري ٿو سو گناهہ کي پيار ڪري ٿو: جيڪو پنهنجو دروازو بلند ٿو ڪري سو پنهنجي خرابي ٿو ڳولي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ابيسلوم جي موت کان پوءِ ادونياہ جيڪو دائود کي حجيت نالي زال مان ڄاول پٽ هو ۽ ٻين سڀني پٽن کان وڏو هو، سو ڳاٽ مٿي ڪري چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بادشاهہ ٿيندس.“ هن پنهنجي لاءِ گھوڙي گاڏيون، سوار ۽ پنهنجي اڳيان ڊوڙندا هلڻ لاءِ پنجاهہ محافظ بہ تيار ڪيا. هو خوبصورت بہ تمام گھڻو هو ۽ سندس پيءُ هن کي ڄمڻ کان وٺي ڪڏهن ائين چئي بہ نہ رنجايو هو تہ هن هيئن ڪي هونئن ڇو ڪيو آهي.